لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل اميرالعظيم لاڏاڻو ڪري ويو.
جماعت اسلامي جي ترجمان سندس وفات جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته هو ڊگهي عرصي کان بيمار هو ۽ ڪينسر جي موذي مرض مبتلا هو.
ترجمان موجب، اميرالعظيم جي جنازي نماز سڀاڻي شام 5 وڳي منصورا لاهور ۾ ادا ڪئي ويندي.