اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزادو محمد بن سلمان سان ٽيليفونڪ رابطو ڪري سعودي عرب جي سامونڊي جهازن تي حوثين جي حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ سعودي عرب سان مڪمل ايڪي ۽ سهڪار جو اظهار ڪيو.
شهباز شريف چيو ته سعودي عرب جي بحري ٽينڪرز تي حملا ڪنهن به صورت ۾ قبولڻ جوڳا ناهن، جڏهن ته عالمي تيل جي رسد ۾ رنڊڪ وجهڻ عالمي قانونن ۽ بحري آزادي جي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي.
وزيراعظم جو چوڻ هو ته اهڙا قدم نه رڳو علائقي جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ خطرو آهن، پر عالمي واپار ۽ توانائي جي فراهمي تي به ناڪاري اثر وجهي سگهن ٿا.
ان موقعي تي وزيراعظم سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت لاءِ پاڪستان جي مڪمل حمايت جو عزم پڻ ورجايو.
شهباز شريف جو محمد بن سلمان کي فون، سعودي جهازن تي حوثين جا حملا قبولڻ جوڳا ناهن: وزيراعظم
You might also like