ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ رحمت شاهه کي ٽيسٽ ۽ ون ڊي ٽيم جو نئون ڪپتان مقرر ڪري ڇڏيو، جڏهن ته رحمان الله گُرباز کي نائب ڪپتان جون ذميواريون سونپيون ويون آهن.
اهو اعلان اربع ڏينهن ڪيو ويو، جيڪو حشمت الله شاهدي جي هڪ ڏينهن اڳ استعيفيٰ ڏيڻ کانپوءِ سامهون آيو.
حشمت الله شاهدي جي قيادت ۾ افغانستان ٽيم عالمي ڪرڪيٽ ۾ مسلسل اڳتي وڌندي رهي، جنهن دوران 2023ع واري ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون ۽ پهريون ڀيرو 2025ع جي چيمپئنز ٽرافي لاءِ به ڪواليفاءِ ڪيو.
جڏهن ته آڪٽوبر-نومبر 2027ع ۾ شيڊيول ون ڊي ورلڊ ڪپ کي نظر ۾ رکندي، حشمت الله شاهدي ڪپتاني تان استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.
افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته بورڊ حشمت الله شاهدي جي خدمتن، ڪميٽمينٽ ۽ قيادت کي ساراهي ٿو ۽ سندس مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري ٿو، جڏهن ته رحمت شاهه لاءِ به نئين ذميواري ۾ ڪاميابي جون دعائون ڪيون ويون آهن.
رحمت شاهه جي ڪپتاني تي مقرري کي فطري اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هو مئي 2021ع کان حشمت الله شاهدي جو نائب ڪپتان رهيو آهي.
واضح رهي ته رحمت شاهه افغانستان لاءِ ٽيسٽ ۽ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽر پڻ آهي.
تازين تبديلين کانپوءِ وڪيٽ ڪيپر بيٽر رحمان الله گرباز کي نائب ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي.
رحمت شاهه جي قيادت ۾ افغانستان جو پهريون اسائنمينٽ آئرلينڊ خلاف پنج ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز هوندي.
Prev Post
You might also like