اشنگٽن (ويب ڊيسڪ(آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سعودي عرب سان سول ايٽمي پروگرام جي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
آمريڪي اخبار جي رپورٽ موجب، آمريڪا سان سول ايٽمي پروگرام جي معاهدي تحت سعودي عرب کي توانائي جي شعبي ۾ ايٽمي ٽيڪنالاجي تائين پهچ حاصل ٿيندي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آمريڪا ۽ سعودي عرب وچ ۾ ايٽمي سهڪار واري معاهدي جو مدو 30 سال هوندو.
آمريڪي اخبار موجب، ايٽمي سهڪار واري معاهدي جي ماليت ڪيترن ئي ارب ڊالرن تائين ٿيڻ جو امڪان آهي.
آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته ان معاهدي کانپوءِ امڪاني طور سعودي عرب ۾ يورينيم افزودگي جا در به کلي سگهن ٿا.
You might also like