پاڪستاني جهنڊي وارن جهازن نشانو بڻايو ويو ته ڀرپور جواب ڏينداسين، پاڪستان جو حوثين کي سخت چتاءُ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان يمن جي حوثي گروپ کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستاني جهنڊي وارن جهازن يا پاڪستان جي سامونڊي مفادن خلاف ڪا به جارحاڻي ڪارروائي ڪئي وئي ته ان کي قومي سلامتي ۽ خودمختيار مفادن لاءِ سنگين خطرو سمجهيو ويندو.
پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قومن جي منشور ۽ عالمي قانون تحت پاڪستان پنهنجي سامونڊي انفراسٽرڪچر ۽ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ دفاع تحت هر ضروري قدم کڻڻ جو حق محفوظ رکي ٿو، جنهن ۾ قانون موجب طاقت جو استعمال به شامل آهي.
بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان سعودي عرب ۽ ڳاڙهي سمنڊ ۾ واپاري جهازراني خلاف حوثي گروپ جي ڌمڪين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.
پرڏيهي آفيس موجب، اهڙا قدم علائقائي سلامتي لاءِ خطرو آهن، جهازراني جي آزادي کي متاثر ڪن ٿا، عالمي بحري نظام کي چئلينج ڪن ٿا ۽ عالمي واپار جي بنا رنڊڪ وهڪري کي خطري ۾ وجهن ٿا.
بيان ۾ اِهو به چيو ويو ته سعودي عرب سان واپار ڪندڙ قانوني واپاري جهازن کي ڌمڪيون ڏيڻ ناقابلِ قبول آهي ۽ عالمي قانون جي تسليم ٿيل اصولن جي ڀڃڪڙي آهي.
پرڏيهي آفيس چيو ته پاڪستان کي انهن اطلاعن تي به ڳڻتي آهي، جن موجب سعودي عرب سان قانوني واپاري سرگرمين ۾ مصروف جهازن کي نشانو بڻائڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن.
بيان موجب، پاڪستان وچ اوڀر جي تڪرار ۾ سعودي عرب کي گيهلڻ وارين ڪوششن تي به سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي، سعودي عرب جي سلامتي، خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ خوشحالي لاءِ پنهنجي حمايت جو عزم ورجايو آهي.
پاڪستان سمورين ڌرين تي زور ڏنو آهي ته هو عالمي قانون جو احترام ڪن، سفارتڪاري ۽ ڳالهين جو رستو اختيار ڪن ۽ عالمي سامونڊي جهازراني جي تحفظ کي يقيني بڻائين.
واضح رهي ته يمن جي حوثي گروپ ملڪ جي اتر اولهه وارن بندرگاهن ۽ هوائي اڏن جي مبينا ناڪابندي جي جواب ۾ سعودي عرب خلاف بحري ناڪابندي جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like