بلوچستان ۾ آپريشن، 10 دهشتگرد مارجي ويا، ٻه آپگهاتي بمبار عورتون گرفتار

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز پاران گذريل 48 ڪلاڪن دوران مختلف انٽيليجنس بنياد تي ڪيل گڏيل آپريشنز دوران 10 دهشتگرد مارجي ويا۽ ٻن آپگهاتي بمبار عورتن سميت هڪ سهولتڪار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پاڪ فوج جي سڌ سماءُ واري اداري آءِ ايس پي آر موجب، ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ فتنه الهندوستان ۽ فتنه الخوارج سان لاڳاپيل دهشتگرد نيٽ ورڪن خلاف بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ بنا وقفي ڪارروائيون جاري آهن.
بيان موجب، سوراب ۽ مستونگ ضلعن ۾ ڪيل انٽيليجنس بيسڊ ايريا سينيٽائيزيشن ۽ ٽارگيٽيڊ آپريشنز دوران مجموعي طور 10 دهشتگرد ماريا ويا، سوراب ۾ 7 ۽ مستونگ ۾ 3 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، مستونگ ۾ ڪارروائي دوران ڀارتي سرپرستي ۾ ڪم ڪندڙ فتنه الهندوستان سان لاڳاپيل ٻن آپگهاتي بمبار عورتن ۽ سندن هڪ سهولتڪار کي گرفتار ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪارروائين دوران دهشتگردن وٽان هٿيار، بارودي مواد هٿ ڪيو ويو، جڏهن ته علائقي ۾ ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ سرچ ۽ سينيٽائيزيشن آپريشن جاري آهي.
آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته وفاقي ايپڪس ڪميٽي جي منظور ڪيل نيشنل ايڪشن پلان تحت”عزمِ استحڪام“ ويزن موجب سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ مان ٻاهرين سرپرستي هيٺ ٿيندڙ دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين پنهنجون ڪارروائيون جاري رکندا.

You might also like