واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان آمريڪا کان 10 ارب ڊالرن جي ٻطرفي ايڪسچينج اسٽيبلائيزيشن سپورٽ فيسيلٽي فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب واشنگٽن ۾ پنهنجي آمريڪي هم منصب اسڪاٽ بيسنٽ سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران پاڪستان جي مٽا سٽا ذخيرن ۾ واڌ، خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ بهتر بڻائڻ، اقتصادي سهڪار، آمريڪي سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ اسٽريٽجڪ منصوبن جي اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات دوران ناڻي واري وزيرا علائقائي صورتحال سبب پاڪستاني معيشت تي پوندڙ ناڪاري اثرن کان به آگاهه ڪيو.
ٻئي پاسي، برطانوي خابرو اداري رائٽرز موجب، پاڪستان آمريڪا کان 10 ارب ڊالرن جي 5 سالن واري ايڪسچينج اسٽيبلائيزيشن سپورٽ فيسيلٽي جي درخواست ڪئي آهي.
رپورٽ موجب، جيڪڏهن اها درخواست منظور ٿي ته پاڪستان جي مٽا سٽا ذخيرن ۾ نمايان واڌ، رپئي تي دٻاءُ ۾ گهٽتائي ۽ گهڻ طرفن مالي ادارن تي ڀاڙڻ ۾ گهٽتائي اچي سگهي ٿي.
رائٽرز موجب، ايران بابت سفارتي ڪردار ۽ تهران ۽ واشنگٽن وچ ۾ ڳالهين ۾ سهولتڪاري کانپوءِ پاڪستان کي اميد آهي ته آمريڪا ۽ ٻين ڀائيوارن کان وڌيڪ اقتصادي سهڪار حاصل ٿيندو.
پاڪستان جي ناڻي واري وزارت اهڙي ڪنهن درخواست جي سرڪاري تصديق ناهي ڪئي، جڏهن ته آمريڪي ناڻي کاتي به ان معاملي تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي.
You might also like