آبناءِ هرمز ۾ واپاري جهازن کي نشانو بڻائڻ قبول ناهي، ايران سان ڳالهين لاءِ تيار آهيون: آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته آمريڪا ايران سان ڳالهين لاءِ تيار آهي.
هن چيو ته واعدن جي پاسداري ضروري آهي، جڏهن ته آبناءِ هرمز ۾ واپاري جهازن کي نشانو بڻايو ويو آهي.
مارڪو روبيو چيو ته آمريڪا سامونڊي رستن ۽ آبي لنگهن تي ڪنهن به ملڪ جو ڪنٽرول قبول نه ڪندو ۽ بحري جهازن جي آزاد چرپر جي حق جو دفاع جاري رکندو.
هن وڌيڪ چيو ته موجودا ڇڪتاڻ بابت ايراني اختيارين ڳالهين لاءِ آمريڪا سان رابطو ڪيو آهي.

You might also like