دِل، دماغ، روح ۽ نسلن کان ڪشميري آهيان، آزاد ڪشمير ۾ ن ليگ آئي ته قسمت بدلائي ڇڏينداسين: مريم نواز

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز چيو آهي ته جن جي پنهنجن صوبن جون روڊ ٽٽل آهن، اُهي آزاد ڪشمير جا روڊ ڇا ٺاهيندا؟ ۽ جن صوبن جا وسيلا ڪرپشن جي ور چڙهي وڃن ٿا، اهي آزاد ڪشمير کي ڪهڙا وسيلا ڏيندا؟
مظفرآباد ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ڪجهه ماڻهو هتي اچي تقريرون ڪري رهيا آهن، شڪايتون ۽ الزام مڙهي رهيا آهن، پر مان احترام سان پڇان ٿي ته توهان آخر ڪنهن جي شڪايت ڪري رهيا آهيو؟ هتي حڪومت ته توهان جي آهي.
هن چيو ته جن ماڻهن نوجوانن جي هٿن ۾ ڏنڊا ڏنا، اهي سندن دوست ناهن، جڏهن ته نواز شريف ۽ هوءَ نوجوانن جي هٿن ۾ ليپ ٽاپ ڏسڻ چاهيون ٿا.
مريم نواز چيو ته هوءَ رڳو واعدا ڪرڻ لاءِ نه، پر پنجاب حڪومت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي کڻي آئي آهي. جيڪڏهن عوام مسلم ليگ (ن) کي چونڊيو ته آزاد ڪشمير جي قسمت بدلائي ڇڏينداسين.
هن چيو ته جتي نون ليگ جي حڪومت آهي، اتي ترقي چٽي نظر اچي ٿي، پنجاب جي هر ڪنڊ ۾ ترقياتي ڪم جاري آهن ۽ 300 نواز شريف اسڪول تعمير ڪيا پيا وڃن.
سندس چوڻ هو ته آزاد ڪشمير جي هر ٻار کي مفت تعليم ملڻ تائين سڪون سان نه ويهنداسين، هاڻي اسپتالون ماڻهن وٽ پاڻ پهچنديون.
مريم نواز چيو ته هوءَ مظفرآباد مهمان بڻجي نه آئي آهي، پر پاڻ کي رت، دل، دماغ، روح ۽ نسلن جي لحاظ کان ڪشميري سمجهي ٿي.
هن وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن اڄ ڪشمير ۾ نواز شريف جي حڪومت هجي ها ته هتي ڪو به مسئلو نه هجي ها.

 

You might also like