برطانيا جي نئين وزيراعظم سان آبناءَ هرمز مان سرنگهون صاف ڪرڻ بابت ڳالهايو آهي: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هن برطانيا جي نئين وزيراعظم اينڊي برنهم سان آبناءِ هرمز مان بارودي سرنگهون صاف ڪرڻ سميت ڪيترن ئي اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.
ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته ڳالهه ٻولهه دوران اتر سمنڊ جي تيل، واپار ۽ ٻنهي ملڪن جي فوجي اتحاد بابت به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
آمريڪي صدر چيو ته برطانيا جي نئين وزيراعظم کي وڏن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پوندو، پر کيس يقين آهي ته اينڊي برنهم انهن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ آمريڪا هر ممڪن مدد لاءِ ساڻس گڏ بيٺل هوندو.
ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ اينڊي برنهم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو.

You might also like