نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪانگريس اڳواڻ ۽ پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ راهول گانڌي ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي هٿين خالي ڪارڪنن ۽ شاگردن تي پوليس جي سخت ڪارروائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته آر ايس ايس ڀارت جي تعليمي نظام تي قبضو ڪري ورتو آهي.
پنهنجي وڊيو بيان ۾ راهول گانڌي چيو ته ڀارت جي وڏي آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، پر نريندر مودي ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڌيڪ نوجوان دشمن وزيراعظم آهي.
هن چيو ته نئين دهلي ۾ هزارين شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنهنجي بهتر مستقبل ۽ معياري تعليم لاءِ جائز مطالبا کڻي نڪتا هئا، ڇو ته ڀارت جو تعليمي نظام مڪمل طور زوال جو شڪار آهي ۽ آر ايس ايس ان تي پنهنجو ڪنٽرول قائم ڪري ڇڏيو آهي.
راهول گانڌي پوليس پاران پرامن شاگردن تي ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ۽ لٺبازي کي انتهائي شرمناڪ ۽ غيرجمهوري عمل قرار ڏيندي چيو ته هو ڪيئي ئي سالن کان نوجوانن جي بنيادي حقن جو آواز اُٿاري رهيا آهن، پر مودي حڪومت ڀارت جي نوجوانن جي مسلسل بي قدري ڪئي آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن نئين دهلي جي جنتر منتر تي احتجاج ڪندڙ هزارين نوجوانن تي پوليس ۽ سول ڪپڙن ۾ موجود اهلڪارن ڪارروائي ڪئي، جنهن جون وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وڏي پيماني تي وائرل ٿيون، جڏهن ته مخالف ڌر جي پارٽين ان عمل جي سخت مذمت ڪئي.
ملڪ تعليمي نظام تي آر ايس ايس قبضو ڪري ورتو، مودي نوجوانن جو سڀ کان وڏو دشمن آهي: راهول گانڌي
You might also like