پوليس ڪريڪ ڊائون ۽ گرفتارين باوجود ڪاڪروچ جنتا پارٽي ميدان نه ڇڏيو، هزارين ماڻهو مودي حڪومت خلاف روڊن تي نڪري آيا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي ۾ پوليس جي سخت ڪريڪ ڊائون کانپوءِ به ڪاڪروچ جنتا پارٽي جو احتجاج جاري آهي، جتي هزارين ماڻهو ٻيهر گڏ ٿي حڪومت خلاف نعريبازي ڪري رهيا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، نوجوانن جي اڳواڻي هيٺ هلندڙ هي تحريڪ تعليمي سڌارن ۽ تعليم واري وزير ڌرميندر پرڌان جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهي آهي.
رپورٽن موجب، سومر ڏينهن هزارين نوجوانن احتجاج ۾ شرڪت ڪئي ۽ پابندي باوجود پارليامينٽ ڏانهن مارچ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران مرڪزي دهلي ۾ پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن وچ ۾ سخت چڪريون ٿيون.
پوليس جي لٺبازي ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي استعمال سبب گهٽ ۾ گهٽ 60 مظاهرين زخمي ٿيا، جڏهن ته پوليس احتجاجي هنڌ تي قائم اسٽيج ۽ عارضي خيما پڻ هٽائي ڇڏيا.
پوليس جو چوڻ آهي ته چڪرين دوران 118 اهلڪار به زخمي ٿيا ۽ 70 مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو.
واضح رهي ته ڪاڪروچ جنتا پارٽي هڪ طنزيه سياسي تحريڪ آهي، جيڪا ڀارت جي چيف جسٽس جي هڪ بيان کانپوءِ وجود ۾ آئي، جنهن ۾ هن بيروزگار نوجوانن بابت ”ڪاڪروچ“ جو لفظ استعمال ڪيو هو.
گذريل هڪ مهيني کان احتجاج ڪندڙ نئين دهلي جي مشهور هنڌ جنتر منتر تي ڌرڻو هنيون ويٺا آهن، جڏهن ته 28 جون کان سماجي ڪارڪن سونم وانگچڪ جي به سندن مطالبن جي حمايت ۾ بک هڙتال جاري آهي.
هوڏانهن ڀارت جي صحت واري وفاقي وزير جي پي نڊا احتجاج ختم ڪرڻ ۽ راڄڌاني ۾ معمول جو ڪاروهنوار بحال ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي، پر احتجاج ڪندڙن تحريڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like