آزاد ڪشمير چونڊ شيڊيول ۾ تبديلي، ٽن ڊويزن ۾ مختلف تاريخن تي پولنگ ٿيندي

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) آزاد ڪشمير جي عام چونڊن جي شيڊيول ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي، جنهن تحت هاڻي ٽن ڊويزنز ۾ مختلف تاريخن تي پولنگ ڪرائي ويندي.
نئين شيڊيول موجب، ميرپور ڊويزن ۾ پولنگ 27 جولاءِ تي ٿيندي، جڏهن ته مظفرآباد ڊويزن ۽ مهجرن لاءِ مخصوص 12 سيٽن تي پولنگ 2 آگسٽ تي ڪرائي ويندي.
جاري ڪيل شيڊيول موجب، پونڇ ڊويزن ۾ ووٽنگ 10 آگسٽ تي ٿيندي.

You might also like