غيرقانوني رستي ايران وڃڻ جي ڪوشش، 5 افغان شهرين جا لاش هٿ، 14 ڄڻا گم

ڪابل (ويب ڊيسڪ) غيرقانوني رستن وسيلي ايران وڃڻ جي ڪوشش ڪندڙ پنج افغان شهرين جا لاش افغانستان جي ڏاکڻي صوبي نيمروز جي ريگستاني علائقي مان هٿ آيا آهن، جڏهن ته 14 ڄڻا اڃا تائين لاپتا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سيڪيورٽي اختيارين جو چوڻ آهي ته افغان شهري هلمند ۽ نيمروز جي ريگستاني علائقن مان غيرقانوني طور ايران ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، پر سخت گرمي ۽ پاڻي جي کوٽ سبب پنج ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٻين جي ڳولا جاري آهي.
گڏيل قومن جي پناهگيرن بابت اداري (يو اين ايڇ سي آر) به واقعي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته هي ڏکوئيندڙ واقعو خطرناڪ ۽ غيرقانوني لڏپلاڻ جي انساني قيمت جي ياد ڏياري ٿو ۽ ان ڳالهه جي ضرورت اجاگر ڪري ٿو ته ماڻهن کي بهتر تحفظ ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪيا وڃن، جيئن هو پنهنجيون حياتيون خطري ۾ وجهڻ تي مجبور نه ٿين.
سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيل تصويرن ۾ ڪجهه لاش ريگستان جي واريءَ تي پيل، جڏهن ته ڪجهه واريءَ ۾ پوريل نظر اچي رهيا آهن.

 

You might also like