سينيٽ ڪميٽي اجلاس:عطا تارڙ ۽ سحر ڪامران وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي جي سُڌ سماءَ بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس دوران وفاقي وزير عطا تارڙ ۽ سينيٽر سحر ڪامران وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، جنهن کانپوءِ سحر ڪامران احتجاج ڪندي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو.
اجلاس دوران سحر ڪامران چيو ته” توهان وفاقي وزير آهيو ۽ وڏي آواز ۾ ڳالهائي رهيا آهيو، منهنجي بي عزتي ڪئي وئي آهي، جنهن تي مان ڪنهن به صورت ۾ سمجهوتو نه ڪنديس.“
ان موقعي تي وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته” هڪ ميمبر ڪميٽي کي هاءِ جيڪ ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن رڪارڊ ڪڍيو وڃي ته خبر پئجي ويندي ته انهن جي دور ۾ ڪيتريون ڀرتيون ٿيون، اکيون ڏيکارڻ روايت بڻجي وئي آهي، هڪ ميمبر جو ڪميٽي تي حاوي ٿيڻ قبول ناهي، منهنجو احتجاج به رڪارڊ ڪيو وڃي.“

You might also like