ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) دنيا جي سڀ کان وڏي انٽرنيٽ سرچ انجڻ گوگل انڪشاف ڪيو آهي ته فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي هڪ ميچ دوران گذريل 28 سالن دوران سرچ ٽريفڪ جا هڙئي رڪارڊ ٽٽي ويا.
گوگل موجب، ارجنٽينا ۽ مصر وچ ۾ کيڏيل رائونڊ آف 16 جي ميچ دوران فيصلائتي گول کانپوءِ گوگل تي سرچ جو اهڙو غيرمعمولي وهڪرو ڏٺو ويو، جيڪو ڪمپني جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ هو.
گوگل جي ناليج اينڊ انفارميشن شعبي جي سربراهه نڪ فوڪس موجب، 7 جولاءِ (پاڪستاني وقت موجب 8 جولاءِ) تي ارجنٽينا جي فيصلائتي گول کانپوءِ في سيڪنڊ سرچز جو نئون رڪارڊ قائم ٿيو.
ڪمپني جي ترجمان موجب، جيتوڻيڪ صحيح انگ اکر جاري نه ڪيا ويا، پر فيصلائتي گول کانپوءِ في سيڪنڊ سرچز جو انگ تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو، جنهن مان لڳو ڄڻ سڄي دنيا هڪ ئي موضوع بابت ڳولا ڪري رهي هئي.
واضح رهي ته فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جو ٽائيٽل اسپين پنهنجي نالي ڪيو، جنهن فائنل ۾ دفاعي چيمپيئن ارجنٽينا کي 1-0 تان شڪست ڏئي 16 سالن کانپوءِ ٻيهر عالمي چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.
گوگل سرچ تي 28 سالن جا هڙئي رڪارڊ ٽٽي ويا، ست جولاءِ تي سڄي دنيا جا واهپيدار ڇا پيا ڳولين؟
You might also like