نئين دهلي ۾ احتجاج شدت اختيار ڪري ويو، پوليس ۽ ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي ڪارڪنن ۾ چڪريون

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي راڄڌاني نئين دهلي ۾ ”ڪاڪروچ جنتا پارٽي“ جي احتجاج دوران پوليس ۽ احتجاج ڪندڙن وچ ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي، جڏهن ته مختلف هنڌن تي ٻنهي ڌرين ۾ چڪريون جاري آهن.

پرڏيهي ميڊيا موجب، جنتر منتر تي وڳوڙ روڪڻ واري حفاظتي سامان سان ليس پوليس اهلڪار ۽ مظاهرين مختلف هنڌن تي آمهون سامهون ٿيا، جنهن سبب چڪريون ٿيون ۽ صورتحال اڃا تائين ڇڪتاڻ واري آهي.

رپورٽن موجب، ڪجهه دير اڳ ڀارت جي وفاقي صحت واري وزير جي پي نڊا مظاهرين کي احتجاج ختم ڪري راڄڌاني ۾ معمول جو ڪاروهنوار بحال ڪرڻ ۾ سهڪار ڪرڻ جي اپيل ڪئي.

ٻئي پاسي حڪومت ۽ احتجاج ڪندڙن وچ ۾ ڳالهيون به جاري آهن، جڏهن ته احتجاج ڪندڙ به پنهنجي مطالبن جي مڃتا لاءِ  نعريبازي به ڪري رهيا آهن.

واضح رهي ته اڄ پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي گڏيل ڪارروائي دوران احتجاج ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس ۽ لٺبازي ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ صورتحال وڌيڪ بگڙي وئي.

You might also like