پ پ هٿ سان درياءَ پنجاب حوالي ڪري ڇڏيو:رياض چانڊيو

حيدر آباد( پ ر)جيئي سنڌ محاذ چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آهي ته پيپلزپارٽي گذريل 20 سالن کان سنڌ جا وسيلا اختيار دولت سڀ ڪجهه کسائي آهي پر هي ناقابل ڏوھ آهي پيپلزپارٽي جو ته سنڌو درياءَ هٿ سان پنجاب جي حوالي ڪيو آهي جلال پور ڪئنال جي ظلم لڪائڻ لاءِ ڪوڙو ڊرامو ڪيو ويو هو ته مر ويسو مرويسون سنڌو نه ڏيسون پر درياء َکپائي ڇڏيائون نعرا هڻي سنڌ جو خزانو کپائي ڇڏيائون ڪوئلو تيل گيس سمنڊ ۽ وسيلا کپائي ڇڏيائون هن چيو ته  معصوم ٻارڙن  پريا ڪماري اجالا سولنگي سميت اغوا ۾ پيپلزپارٽي ملوث آهي فوري  طور تي سڀ جيڪي سرڪار جي ھٿراڌو طريقي سان گم ٿيل ٻار آهن انهن کي آزاد ڪرايو وارثن حوالي ڪيا وڃن ٻارن جي آزادي لاءِ ٻٻر لوءِ ڌرڻي تي سڀني ويٺلن کي قومي سلام آهي،هن چيو ته  هڪ طرف درياهه ويو، ٻئي طرف ٻار اغوا پيا ڪرائين ته ٽئين طرف وري جبري گمشدگين جو سلسلو شروع ٿيو آهي سياسي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو پيو وڃي هن چيو ته  ملير ۾ جيئي سنڌ محاذ جي احتجاجي مظاهري تي پوليس چڙهائي ڪري جيئي سنڌ ليبرفرنٽ جي ڊپٽي چيف آرگنائيزر محمد سليم حاجاڻو ۽ فرزند دانيال حاجاڻو کي پوليس گرفتار ڪيو آهي جنهن جي مذمت ڪجي ٿي

 

You might also like