گوگل اي آءِ سربراهه جي وڏي اڳڪٿي، انسان جهڙي ذهانت رکندڙ اي آءِ اچي ويندي

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ)گوگل جي اي آءِ ڪمپني ڊيپ مائينڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊيمس هاسابس اڳڪٿي ڪئي آهي ته اهڙي آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) جيڪا ڪنهن به ڪم ۾ انسانن وانگر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهي، ايندڙ ڪجهه سالن ۾ حقيقت بڻجي ويندي.

هن هڪ تازي بلاگ پوسٽ ۾ چيو ته آرٽيفيشل جنرل انٽيليجنس (AGI) ايندڙ 3 کان 4 سالن اندر سامهون اچي سگهي ٿي، جڏهن ته موجوده دور انسانيت لاءِ انتهائي اهم مرحلو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڊيمس هاسابس زور ڏنو ته فوري قدم کڻڻ ضروري آهن ته جيئن انتهائي باصلاحيت اي آءِ سسٽمن کي صرف سماج جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪيو وڃي.هن چيو ته AGI اهڙو اي آءِ سسٽم هوندو، جيڪو انساني صلاحيتن جي برابر يا ان کان به وڌيڪ بهتر نموني مختلف پيچيده ڪم سرانجام ڏئي سگهندو.

هن دنيا جي حڪومتن تي زور ڏنو ته هو هڪ اهڙو عالمي ادارو قائم ڪن، جيڪو جديد اي آءِ سسٽم جي تياري ۽ استعمال جي نگراني ڪري سگهي. ڊيمس هاسابس چيو ته هن وقت اي آءِ ڪمپنين ۽ ملڪن وچ ۾ مقابلي تي وڌيڪ ڌيان ڏنو پيو وڃي، جنهن سبب حفاظتي خدشن کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.

سندس چوڻ هو ته مستقبل جا اي آءِ سسٽم وڌيڪ خودمختيار ٿي ويندا ۽ انساني مداخلت کانسواءِ پاڻ کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهندا، تنهنڪري مضبوط حفاظتي قدمن جي سخت ضرورت آهي.

هن اهو پڻ تسليم ڪيو ته اي آءِ جو ماهر هجڻ باوجود مستقبل جي انتهائي جديد ماڊلز جي صلاحيتن بابت مڪمل اڳڪٿي ڪرڻ ممڪن ناهي.

ڊيمس هاسابس موجب، اي جي آءِ کانپوءِ آرٽيفيشل سپر انٽيليجنس (ASI) جي اچڻ جي به اميد آهي، جيڪا انساني ذهانت کان گهڻو اڳتي نڪري ويندي، پر ان بابت ڪو به يقيني طور نٿو چئي سگهي ته اها ڪڏهن حقيقت بڻجندي.

You might also like