فيفا ورلڊ ڪپ فائنل جي هڪ ٽڪيٽ 64 ڪروڙ رپين تائين پهچي وئي

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن توهان ارجنٽينا ۽ اسپين وچ ۾ ٿيندڙ فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي فائنل لاءِ آخري لمحن ۾ ٽڪيٽ خريد ڪرڻ چاهيو ٿا ته شايد توهان جو ڪروڙ پتي هجڻ ضروري بڻجي وڃي، ڇاڪاڻ ته ميچ کان 24 ڪلاڪن کان به گهٽ وقت اڳ ڪجهه ٽڪيٽن جي قيمت 20 لک آمريڪي ڊالر کان به وڌي وئي آهي.

پرڏيهي ميڊيا اداري جي رپورٽ موجب فيفا جي سرڪاري ري سيل پليٽ فارم تي ورلڊ ڪپ فائنل جي ڪجهه ٽڪيٽن جي قيمت 23 لک آمريڪي ڊالر، يعني لڳ ڀڳ 64 ڪروڙ پاڪستاني رپين تائين پهچي وئي آهي، جنهن کانپوءِ عام تماشبين لاءِ فائنل اسٽيڊيم ۾ ويهي ڏسڻ تقريباً ناممڪن بڻجي ويو آهي.

رپورٽ موجب، ارجنٽينا جي اسٽار ليونل ميسي ۽ اسپين جي نوجوان سپر اسٽار لامين يامال وچ ۾ امڪاني مقابلي سبب ٽڪيٽن جي گهرج غيرمعمولي حد تائين وڌي وئي، جنهن ڪري ري سيل مارڪيٽ ۾ قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون.

ڇنڇر ڏينهن فيفا جي ويب سائيٽ تي هڪ به ٽڪيٽ موجود نه هئي، جڏهن ته ري سيل پليٽ فارم تي ٽڪيٽن جا اگهه لڳ ڀڳ 10 هزار ڊالر کان شروع ٿيا 23 لک ڊالر تائين پهچي ويا.

پرڏيهي ميڊيا اداري جي رپورٽ موجب هي ورلڊ ڪپ فائنل آمريڪا جي تاريخ جو سڀ کان مهانگو راندين وارو ايونٽ بڻجي ويو آهي. رپورٽ موجب، فائنل جي ميدان جي گاهه جا ننڍڙا ٽڪرا به يادگيري طور گهٽ ۾ گهٽ 450 ڊالر ۾ وڪرو ڪيا پيا وڃن، جنهن تي پڻ تماشبين اعتراض ظاهر ڪيو آهي.

You might also like