ڪلفٽن: سمنڊ ڪناري وڏي انگ ۾ سيپيُون پهچي ويون، ماهرن شهرين کي خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڪلفٽن سمنڊ ڪناري وڏي تعداد ۾ سيپيون پهچي ويون آهن.

ورلڊ وائلڊ لائيف فنڊ (ڊبليو ڊبليو ايف) جي ٽيڪنيڪل صلاحڪار معظم خان موجب، مون سون دوران سامونڊي لهرن جي تيز ٿيڻ سبب سيپيون ڪناري تي اچي وڃن ٿيون. هن ٻڌايو ته ڪلفٽن ڪناري تي نظر ايندڙ اهي سيپيون ”بلڊ ڪليم“سڏجن ٿيون ۽ انهن ۾ هيموگلوبن هجڻ سبب سندن رنگ ڳاڙهو هوندو آهي.

معظم خان چيو ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ اهي سيپيون شوق سان کاڌيون وڃن ٿيون، پر ڪراچي جي سامونڊي آلودگي سبب شهرين کي ڪناري تان مليل سيپيون کائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اهي صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهن ٿيون.

هن وڌيڪ چيو ته سيپين سان گڏ پلاسٽڪ ۽ ٻيو ڪچرو به ڪناري تي پهچي رهيو آهي، جيڪو ڌپ ۽ آلودگي جو سبب بڻجي رهيو آهي، جڏهن ته انساني سرگرمين سبب ڪراچي جو سمنڊ آهستي آهستي آبي جيوت کان خالي ٿيندو پيو وڃي.

You might also like