سي ايس ايس امتحان لاءِ درخواستن جو انگ چئن سالن ۾ اڌ رهجي ويو

اسلام آباد (بيورو) سينٽرل سپيريئر سروسز (سي ايس ايس) امتحان لاءِ رجسٽريشن ڪرائيندڙ اميدوارن جو انگ گذريل چئن سالن دوران لڳ ڀڳ 48 سيڪڙو گهٽجي ويو، فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن (ايف پي ايس سي) جي انگن اکرن موجب 2022ع ۾ رجسٽرڊ اميدوارن جو انگ 35 هزار 59 هو، جيڪو 2025ع ۾ گهٽجي 18 هزار 139 رهجي ويو. انگن اکرن موجب امتحان ۾ شرڪت ڪندڙ اميدوارن جو انگ به 2022ع جي 20 هزار 262 مان گهٽجي 2025ع ۾ 12 هزار 792 ٿي ويو، ساڳئي عرصي دوران چونڊيل اميدوارن جو انگ به 239 مان گهٽجي 170 رهجي ويو، ايف پي ايس سي موجب وفاقي حڪومت جي عام ڀرتين لاءِ درخواست ڏيندڙن جو انگ پڻ نمايان گهٽ ٿيو آهي. 2023ع ۾ رجسٽريشن جو انگ 4 لک 36 هزار 757 جي بلند ترين سطح تي هو، جيڪو 2025ع ۾ گهٽجي 1  لک 96 هزار 193 رهجي ويو، يعني ٻن سالن دوران 55 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، عام ڀرتين جي امتحانن ۾ شرڪت ڪندڙ اميدوارن جو انگ به 2023ع جي 1 لک 99 هزار 234 مان گهٽجي 2025ع ۾ 80 هزار 633 ٿي ويو. ان باوجود ڀرتين جو عمل محدود رهيو ۽ 2025ع ۾ لڳ ڀڳ ٻن لک رجسٽرڊ اميدوارن مان رڳو 3 هزار 5 اميدوارن جي سفارش ڪئي وئي.

 

You might also like