بااختيار مقامي حڪومتن جي ڪري چين سپر پاور بڻجي ويو، پاڪستان پٺتي ڇو؟

ڪراچي(ڪامران خان) چين پنهنجي معاشي ترقي جو بنياد هڪ مضبوط  مقامي حڪومتي  نطام تي رکيو ۽ انهن ئي مقامي حڪومتن کي پنهنجي معيشت جو سڀ کان طاقتور انجن بڻائي ڇڏيو. جيڪڏهن اهو چيو وڃي ته مضبوط مقامي حڪومتن چين کي دنيا جي مڃيل ۽ شايد سڀ کان وڏي معاشي سپر پاور بڻائڻ ۾ فيصلي ڪن ڪردار ادا ڪيو، ته شايد اهو غلط نه هوندو. اڄ چين ۾ انڊسٽريل پارڪس، اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري، جديد شهري انفراسٽرڪچر ۽ صنعتي واڌ جي پٺيان وڏي حد تائين مقامي حڪومتن جو ڪردار آهي.ٻئي طرف پاڪستان ۾ صورتحال ان جي بلڪل ابتڙ آهي. هتي تقريبن هر جمهوري حڪومت مضبوط مقامي حڪومتي نظام کان پاسو ڪيو آهي. اڪثر بلدياتي چونڊن ۾ دير ڪئي وئي ۽ جيڪڏهن ڪنهن نه ڪنهن طرح ٽٽل ڦٽل چونڊون ڪرايون به ويون، ته چونڊيل نمائندن کي اهي اختيار نه ڏنا ويا جن جي ذريعي هو اثرائتي انداز ۾ ڪجهه ڪري سگهن. اهڙي ريت اختيارن ۽ وسيلن جي هيٺين سطح تائين حقيقي منتقلي ڪڏهن به نه ٿي سگهي. ان حوالي سان ورلڊ بئنڪ جي تازي رپورٽ ۾ هڪ انتهائي اهم حقيقت  سامهون آئي آهي. رپورٽ موجب پاڪستان ۾ مقامي حڪومتن جي ذريعي ٿيندڙ خرچ اڄ مجموعي سرڪاري خرچن جي 5 سيڪڙو کان به گهٽ آهن، جڏهن ته 2005ع ۾ اها شرح تقريبن 10 سيڪڙو تائين پهتي هئي. يعني گذريل 20 سالن ۾ مقامي حڪومتن جو ڪردار گهٽ کان گهٽ ۽ ڪمزور کان ڪمزور ڪيو ويو آهي.ان حوالي سان اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر جو چوڻ آهي ته  ته چين جنهن انداز سان ترقي ڪئي آهي ۽ سپر پاور بڻيو آهي، ان ۾ مقامي حڪومتن جي نظام جو تمام وڏو ڪردار آهي،مجموعي طور تي چين جي اندر سمورو حڪومتي نظام جيڪو روينيو (ٽيڪس) گڏ ڪندو آهي، ان ۾ تقريبن 30 کان 35 سيڪڙو  مقامي حڪومتون پنهنجي ٽيڪسن مان گڏ ڪنديون آهن. پاڪستان ۾ اهو نمبر هڪ سيڪڙو به ناهي! پاڪستان ۾ 90 سيڪڙو وفاق گڏ ڪندو آهي، 10 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ صوبا، ۽ مقامي حڪومتن وٽ هڪ سيڪڙو کان به گهٽ ٽيڪس جو اختيار آهي. هن چيو ته چين ۾ هڪ تمام دلچسپ اصطلاح استعمال ڪئي ويندي آهي جنهن کي "جي ڊي پي ٽورنامينٽ” چيو ويندو آهي. ان جو مطلب اهو ٿيو ته جيتريون به مقامي حڪومتون آهن ۽ انهن جا ميئر آهن، انهن جو پاڻ ۾ مقابلو هوندو آهي مقابلو ان ڳالهه جو هوندو آهي ته ڪير سيڙپڪاري وڌيڪ کڻي ايندو، ڪير روزگار وڌيڪ پيدا ڪندو ۽ ڪنهن جي جي ڊي پي گروٿ وڌيڪ هوندي. هن چيوته ان جو ٻيو وڏو فائدو اهو ٿئي ٿو ته جيڪا به ليڊرشپ هيٺان کان مٿي اچي ٿي، ان جو معيار اهو هوندو آهي ته ڪير معيشت کي ترقي ڏيڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪامياب ويو. تنهنڪري پوري چين جي مٿين ليڊرشپ اهڙن ماڻهن تي ٻڌل آهي جن کي معيشت جي حقيقي سمجهه آهي، هن چيو ته جنهن وقت اسان جي حڪومت آئي، اسان ڪراچي پيڪيج بڻايو، مان ان کي ليڊ ڪري رهيو هوس. اسان تمام تيزي سان ڪم شروع ڪيو ته سنڌ حڪومت جي هڪ وزير پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته "اسان ريڊ لائن گرين لائن کان پهريان هلائي ڏيکارينداسين.” اڄ 5 سالن کان وڌيڪ ٿي ويا آهن گرين لائن کي هلندي، پر ريڊ لائن کي ماڻهو ڳولي رهيا آهن ته ڪٿي آهي! پاڪستان ۾ هوا ۾ لٽڪيل جمهوريت آهي جتي اختيار ۽ وسيلا هيٺ عوام تائين پهچن ئي نٿا.هن چيو ته  جيستائين هڪ آئيني ترميم جي ذريعي ان نظام کي تبديل نه ڪيو ويندو، ٻيو ڪو طريقو ناهي صوبائي حڪومتون ڪڏهن به مقامي حڪومتن کي مضبوط ٿيڻ نه ڏينديون،هن چيو ته  سڀ وسيلا ۽ اختيار به صوبي وٽ آهن پر کين کان ڪو سوال پڇڻ وارو ناهي، سوال سڀ وفاق کان پڇيا ويندا آهن.نتيجو اهو نڪتو آهي ته سکر-حيدرآباد موٽر وي 20 سالن کان ناهي بڻجي سگهي، ڪي فور (K-IV) پاڻي جو منصوبو 25 سالن کان هلي رهيو آهي

 

You might also like