نيو جرسي (ويب ڊيسڪ) فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جو فائنل دفاعي چيمپيئن ارجنٽينا ۽ اسپين وچ ۾ سڀاڻي نيو جرسي جي ميٽ لائيف اسٽيڊيم ۾ کيڏيو ويندو.
ارجنٽينا جي ڪپتان ليونل ميسي وٽ پنهنجي شاندار ڪيريئر ۾ ٻيو ورلڊ ڪپ کٽڻ جو موقعو هوندو، جڏهن ته اسپين 2010ع کانپوءِ ٻيهر عالمي چيمپيئن بڻجڻ لاءِ ميدان ۾ لهندي.
اسپين سيمي فائنل ۾ فرانس کي 2-0 تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهتي، جڏهن ته ارجنٽينا انگلينڊ خلاف آخري لمحن ۾ ٻه گول ڪري 2-1 تان ڪاميابي ماڻي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو.
ورلڊ ڪپ جي فائنل سان آمريڪا، ميڪسيڪو ۽ ڪئناڊا ۾ ڇهن هفتن تائين جاري رهندڙ ٽورنامينٽ جي پڄاڻي ٿيندي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ميگا فائنل کان اڳ رنگا رنگ اختتامي تقريب ٿيندي، جنهن ۾ پوسٽ ميلون، ٽام ڪروز، لارا پائوسيني، نيڪول شرزنگر، روبي وليمز ۽ آءِ شو اسپيڊ شرڪت ڪندا، جڏهن ته آمريڪي ڳائڻي جينيفر هڊسن قومي ترانو ڳائيندي.
فيفا ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هاف ٽائيم شو به ٿيندو، جنهن ۾ ميڊونا، جسٽن بيبر، شڪيرا ۽ بي ٽي ايس پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا.
فائنل کانپوءِ چيمپيئن ٽرافي سان گڏ گولڊن بال (بهترين رانديگر)، گولڊن بوٽ (ٽاپ اسڪورر)، گولڊن گلوو (بهترين گول ڪيپر) ۽ فيفا ينگ پليئر ايوارڊ به ڏنا ويندا.
You might also like