ڪويت سٽي (ويب ڊيسڪ) ڪويت جي پرڏيهي وزير شيخ جراح جابر الاحمد الصباح پاڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ٽيليفونل رابطو ڪيو آهي.
ڪويتي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ڳالهه ٻولهه دوران خطي جي تازي صورتحال، خاص طور موجودا ڇڪتاڻ ۾ واڌ ۽ ان جي اثرن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
بيان موجب، ٻنهي پرڏيهي وزيرن ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ سفارتي ذريعي مسئلن جي حل لاءِ جاري ڪوششن تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي، جيئن علائقائي امن، سلامتي ۽ استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي.
You might also like