رياض (ويب ڊيسڪ) ايران پاران بحرين، ڪويت ۽ اردن ۾ آمريڪي اڏن کي نشانو بڻائڻ کانپوءِ نار سهڪار ڪائونسل (جِي سي سي) حملن جي سخت مذمت ڪندي انهن کي جنگي ڏوهه قرار ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، نار سهڪار ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل جاسم محمد البديوي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته شهري انفراسٽرڪچر ۽ بنيادي ڍانچي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائڻ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي منشور جي سنگين ڀڃڪڙي آهي.
هن چيو ته ايران جا حملا خطي ۾ انتهائي خطرناڪ ڇڪتاڻ پيدا ڪري رهيا آهن، جيڪي علائقي جي امن ۽ استحڪام لاءِ وڏو خطرو آهن. سندس چوڻ هو ته شهري ڍانچي ۽ عوامي سهولتن تي ڄاڻي واڻي حملا جنگي ڏوهن جي زمري ۾ اچن ٿا.
جاسم محمد البديوي عالمي برادري تي زور ڏيندي چيو ته اهڙن حملن تي خاموش نه رهڻ گهرجي، ايران کي عالمي قانون تحت جوابده بڻايو وڃي ۽ انهن واقعن جي بين الاقوامي سطح تي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
هن وڌيڪ چيو ته نار سهڪار ڪائونسل بحرين، ڪويت ۽ اردن جي سلامتي ۽ خودمختياري جي تحفظ لاءِ پنهنجي ميمبر ملڪن سان مڪمل ايڪي جو اظهار ڪري ٿي.
You might also like