جلال پور ڪئنال غير قانوني منصوبو آهي، وفاق سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻڻ بند ڪري: صنعان قريشي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته جلال پور ڪئنال غير قانوني منصوبو آهي، وفاق سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هڻڻ بند ڪري.
هڪ بيان هن چيو ته سنڌو درياهه جي پاڻي تي وفاق قبضو ڪري زبردستي ڪئنالن ذريعي پاڻي کڻي رهيو آهي، جيڪو سنڌ سان وڏي ناانصافي آهي.
هن مطالبو ڪيو ته سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ بند ڪيو وڃي ۽ سنڌ کي 1991ع واري پاڻي ٺاهه موجب پنهنجو آئيني ۽ قانوني حصو ڏنو وڃي.
صنعان قريشي چيو ته سنڌو درياهه مان واري اُڏامي رهي آهي، فصل سڪي رهيا آهن ۽ سمنڊ مسلسل زمين ڳڙڪائي رهيو آهي.
هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏيو ويو ته ٺٽو، سجاول ۽ بدين جا وسيع علائقا سمنڊ جي ور چڙهي ويندا.
جسقم چيئرمين چيو ته سنڌوءَ تي ڪو به نئون ڪئنال قبول ناهي، درياهه بچائڻ لاءِ سنڌ جا ماڻهو تاريخي جدوجهد ڪندا.

You might also like