تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني فوج ڪويت، اردن، بحرين ۽ سعودي عرب ۾ موجود آمريڪي فوجي اڏن تي جوابي حملا ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پاسدارانِ انقلاب موجب، اردن جي الازرق ايئر بيس تي حملي دوران 2 فائٽر جيٽس ۽ 3 آمريڪي جنگي جهاز تباهه ڪيا ويا، جڏهن ته حملي ۾ ڪيئي آمريڪي فوجي زخمي پڻ ٿيا.
بيان موجب، بحرين ۾ آمريڪي ڊرونز جي ڊپو کي بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونز ذريعي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته شيخ عيسيٰ ايئر بيس تي آمريڪي جنگي جهازن واري هنڌ تي به حملو ڪيو ويو.
پاسدارانِ انقلاب دعويٰ ڪئي آهي ته ڪويت جي الاحمدي بندرگاهه ۽ سعودي عرب جي شهر الخرج ۾ موجود پرنس سلطان ايئر بيس کي به ميزائل حملن ۾ نشانو بڻايو ويو، جنهن سان آمريڪا کي وڏو نقصان پهتو.
ٻئي پاسي ڪويت بجلي گهرن، ڊي سيلينيشن پلانٽن ۽ ٻين اهم هنڌن تي ايراني حملن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.
You might also like