ورلڊ ڪپ فارميٽ بدلائڻ تي رانديگرن جي عالمي تنظيم ڪاوڙيل، آءِ سي سي تي مشاورت نه ڪرڻ جو الزام

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) طرفان ون ڊي ورلڊ ڪپ 2027 لاءِ اعلانيل نئين فارميٽ تي ورلڊ ڪرڪيٽرز ايسوسيئيشن (ڊبليو سي اي) خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
ورلڊ ڪرڪيٽرز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته 2021ع ۾ 14 ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ سڌي ريت کيڏائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو، پر هاڻي ورلڊ ڪپ جو فارميٽ تبديل ڪيو ويو آهي.
آءِ سي سي جي نئين فارميٽ موجب، گهٽ رينڪنگ واريون ٽي ڪواليفائيڊ ٽيمون شروعاتي مرحلي ۾ مهاڏو اٽڪائينديون، جنهن کانپوءِ ئي سپر مرحلي تائين پهچڻ جو موقعو ملندو.
ورلڊ ڪرڪيٽرز ايسوسيئيشن وضاحت ڪندي چيو آهي ته نئين فارميٽ سبب ڪواليفاءِ ڪندڙ ايسوسيئيٽ ٽيمن لاءِ ورلڊ ڪپ ۾ حقيقي موقعا محدود ٿي ويندا.
سندن چوڻ هو ته سالن جي رٿابندي، سيڙپڪاري ۽ ڪواليفڪيشن کانپوءِ ورلڊ ڪپ جو ڍانچو تبديل ڪرڻ مناسب ناهي.
ايسوسيئيشن موجب، آءِ سي سي اهڙو اهم فيصلو ڪرڻ کان اڳ رانديگرن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت نه ڪئي.
ڊبليو سي اي جي چيف ٽام موفٽ پنهنجي بيان ۾ چيو ته عالمي ايونٽن جي فارميٽ ۾ تبديلي شفاف طريقي، واضح موقف ۽ مڪمل مشاورت کانپوءِ ٿيڻ گهرجي.
ورلڊ ڪرڪيٽرز ايسوسيئيشن وڌيڪ چيو ته ڪرڪيٽ جي عالمي واڌ ويجهه جي دعويٰ ڪرڻ ۽ ايسوسيئيٽ ٽيمن جا موقعا گهٽائڻ وارن فيصلن ۾ واضح ٽڪراءِ موجود آهي.
هوڏانهن نيڌرلينڊز ڪرڪيٽ ٽيم ڪپتان اسڪاٽ ايڊورڊز چيو ته ايسوسيئيٽ ٽيمن کي وڏين ٽيمن خلاف کيڏڻ جا موقعا ئي سندن ترقي ۽ ڪرڪيٽ جي واڌ ويجهه جو ذريعو آهن.
آئرلينڊ جي ڪپتان پال اسٽرلنگ جو چوڻ هو ته ايسوسيئيٽ ۽ ننڍيون ٽيمون عالمي ايونٽن جو معيار وڌائين ٿيون، تنهنڪري ڪرڪيٽ کي به فٽبال وانگر وڌيڪ موقعا ڏيڻ گهرجن.
اسڪاٽلينڊ جي رچي بيرنگٽن چيو ته رانديگر هر فيصلو ڪرڻ نٿا چاهين، پر انهن فيصلن ۾ سندن راءِ ضرور ورتي وڃي جيڪي سندن ڪيريئر تي اثرانداز ٿين.

You might also like