سريلنڪا دوري لاءِ پاڪستان وومين ٽيم جو اعلان، اسڪواڊز ۾ ڦيرڦار، فاطمه ون ڊي ۽ منيبه ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) سريلنڪا جي دوري لاءِ پاڪستان وومين ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊز جو اعلان ڪري ڇڏيو ، ٻنهي اسڪواڊز ۾ 15، 15 رانديگرياڻيون شامل آهن.
فاطمه ثناءَ ون ڊي سيريز ۾ پاڪستان وومين ٽيم جي قيادت جاري رکندي، جڏهن ته سندس غيرموجودگي ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ منيبه علي ٽيم جي ڪپتان هوندي.
فاطمه ثناءَ ون ڊي سيريز مڪمل ٿيڻ کانپوءِ انگلينڊ ۾ دي هنڊرڊ ليگ ۾ شرڪت لاءِ رواني ٿيندي.
آءِ سي سي وومين ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ کيڏندڙ ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ 8 تبديليون ڪيون ويون آهن.
ايمان نصير، حمنه بلال، ماهم انيس، مومنه رياست، نجيهه علوي، شوال ذوالفقار، ام هاني ۽ وحيده اختر کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
ايمان نصير، ماهم انيس ۽ مومنه رياست، اڃا تائين انٽرنيشنل ميچون نه کيڏيون آهن، جڏهن ته ماهم انيس ۽ سائره جبين ون ڊي ڊيبيو به نه ڪيو آهي.
پاڪستان ون ڊي اسڪواڊ ۾: فاطمه ثناءَ (ڪپتان)، عائشه ظفر، گل فيروزه، ماهم انيس، مومنه رياست، منيبه علي، نجيهه علوي، نشره سنڌو، صدف شمس، سائره جبين، سدرا امين، سيده عروب شاهه، تسميه رباب، ام هاني ۽ وحيده اختر شامل آهن.
پاڪستان ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ ۾ منيبه علي (ڪپتان)، عائشه ظفر، ايمان نصير، ايمان فاطمه، حمنه بلال، ماهم انيس، مومنه رياست، نجيهه علوي، نشره سنڌو، سائره جبين، شوال ذوالفقار، تسميه رباب، طوبيٰ حسن، ام هاني ۽ وحيده اختر کي چونڊيو ويو آهي.
پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن تي ٻڌل سيريز 23 جولاءِ کان 4 آگسٽ تائين کيڏي ويندي.
ون ڊي سيريز جون ميچ آءِ سي سي وومين چيمپيئن شپ جو حصو هوندا، جيڪي ورلڊ ڪپ ڪواليفڪيشن لاءِ پڻ اهم آهن.
پاڪستان وومين ٽيم جو مختصر تربيتي ڪيمپ آچر تي مڪمل ٿيندي، جڏهن ته ٽيم سومر تي سريلنڪا رواني ٿيندي.

You might also like