اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪِ انصاف(پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان جي ڀيڻ نورين نيازي جو ”معرڪاءِ حق“ ۽ پاڪ فوج بابت تڪراري ۽ شرمناڪ بيان سامهون آيو آهي.
نورين نيازي پنهنجي ذاتي مفادن خاطر ڳاڙهي ليڪ پار ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ جو ”معرڪاءِ حق“ ۽ پاڪ فوج بابت هڪ ڀيرو ٻيهر تڪراري بيان سامهون آيو آهي.
نورين نيازي يوٽيوب چينل کي ڏنل انٽرويو ۾ الزام لڳايو ته ”معرڪاءِ حق“ پاڪ فوج ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي ڳٺ جوڙ جو نتيجو هو، جڏهن ته ڀارت اسرائيل جي چوڻ تي پاڪستان تي حملو ڪرڻ کان پاسو ڪيو، ڇاڪاڻ ته پاڪستان اسرائيل کي قبول ڪرڻ وارو هو.
تجزئي نگارن چوڻ آهي ته نورين نيازي جو هي ورغلائيندڙ بيان ڀارتي بيانيي کي هٿي ڏئي ٿو، جنهن کي هاڻي ڀارتي ميڊيا پاڪستان خلاف استعمال ڪندي.
ڀارت خلاف جنگ فوج ۽ مودي جي ڳٺ جوڙجو نتيجو هئي، پاڪستان اسرائيل کي قبولڻ وارو هو:عمران خان جي ڀيڻ جا الزام
You might also like