سيڪيورٽي فورسز جي وانا ۾ دهشتگردي جو وڏو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس بنيادن تي ڪارروائي ڪندي وانا ۾ دهشتگردي جي هڪ وڏي منصوبي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، بارودي مواد سان ڀريل هڪ گاڏي آپگهاتي حملي کان اڳ ئي تباهه ڪئي وئي، جيڪا مبينا طور دهشتگرد حملي ۾ استعمال ٿيڻ واري هئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز پيشيوراڻي مهارت سان ڪارروائي ڪندي معصوم شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻايو.
ذريعن موجب، آپگهاتي حملي لاءِ تيار ڪيل گاڏي تي لڳاتار ٽن ڏينهن تائين نگراني ڪئي وئي ۽ آبادي کان پري وڃڻ تي ان کي نشانو بڻايو ويو.
ڪارروائي دوران بارود سان ڀريل گاڏي ۽ هڪ موٽر سائيڪل تباهه ڪئي وئي، جڏهن ته هڪ دهشتگرد مارجي ويو ۽ پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ٻئي پاسي گهرو وزير محسن نقوي وانا ۾ دهشتگردي جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته فورسز وانا ۽ ڀرپاسي جي علائقن جي آبادي کي وڏي تباهي کان بچائي ورتو.
هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز بارود سان ڀريل گاڏي ۽ موٽر سائيڪل کي حملي کان اڳ تباهه ڪري شهرين جي جان ۽ مال جو بهترين نموني تحفظ يقيني بڻايو.
محسن نقوي وڌيڪ چيو ته آپگهاتي حملي جو ناپاڪ منصوبو وقت کان اڳ ناڪام بڻائڻ تي هو سيڪيورٽي فورسز کي سلام پيش ڪري ٿو.

You might also like