ملڪ ۾ رڳو 14 ڏينهن جو پيٽرول باقي؟ وزيراعظم جو هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم شين جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
وزيراعظم آفيس طررفان جاري ڪيل بيان موجب، شهباز شريف جي صدارت هيٺ علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي پاڪستاني معيشت تي اثرن جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻارڻ جي فراهمي، بچت وارن قدمن ۽ امڪاني معاشي چئلينجن تي غور ڪيو ويو.
بيان ۾ اجلاس دوران ڏنل بريفنگ جو حوالو ڏيندي چيو ويو ته ملڪ جي گهرجن موجب پيٽروليم شين جا وافر ذخيرا موجود آهن ۽ مستقبل لاءِ به انهن جي فراهمي يقيني بڻائي وئي آهي.
اهو بيان اهڙي وقت جاري ڪيو ويو آهي، جڏهن ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي کوٽ بابت خدشا ظاهر ڪيا پيا وڃن.
ميڊيا رپورٽن موجب، آئل ڪمپنيز ايڊوائزري ڪائونسل(او سِي اَي سِي )پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ کي خط لکي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ملڪ ۾ پيٽرول جي کوٽ جو خطرو وڌي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته وڪري لاءِ موجود ذخيرا گهٽجي رهيا آهن.
ٻئي پاسي ايڪسپريس ٽربيون صنعتي ذريعن جي حوالي سان ڄاڻايو آهي ته ملڪ ۾ رڳو 14 ڏينهن پيٽرول رهجي ويو آهي.
رپورٽ موجب، صنعتي ذريعن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ پيٽرول جا ذخيرا گهٽجي لڳ ڀڳ 3 لک 79 هزار 442 ٽن رهجي ويا آهن، جن ۾ مقامي ريفائنرين جي پيداوار به شامل آهي. موجوده گهرج موجب اهي ذخيرا رڳو 14 ڏينهن لاءِ ڪافي آهن.
صنعت سان واڳيل انگن اکرن موجب، جولاءِ جي پهرين 13 ڏينهن دوران پيٽرول جي روزاني وڪري جو سراسري انگ 25 هزار ٽن رهيو، جيڪو اندازن کان لڳ ڀڳ 16 سيڪڙو ۽ گذريل سال جي ساڳئي عرصي جي ڀيٽ ۾ 26 سيڪڙو وڌيڪ آهي.
رپورٽ موجب، استعمال ۾ واڌ جو سبب پيٽروليم شين جي اگهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ جي امڪان سبب واهپيدارن ۽ ڊيلرن طرفان وڌيڪ خريداري کي قرار ڏنو پيو وڃي.

 

You might also like