سنڌ ۾ لڪايل 1 لک 72 هزار ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ هٿ، وڏي وزير پاران اهم حڪم جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ خوراڪ کاتي جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران صوبي ۾ ڪڻڪ جي پيداوار، ذخيرن، دستيابي ۽ مستقبل جي ضرورتن جو جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته مختلف فلور ملز مان لڪايل 1 لک 72 هزار ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ هٿ ڪئي وئي آهي، جنهن سبب مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي دستيابي بهتر ٿي ۽ اٽي جي قيمتن ۾ به استحڪام آيو آهي.
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته 2025-26ع جي سيزن ۾ سنڌ ۾ 47 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ پوکي وئي، جڏهن ته گذريل سال جو 1 لک 40 هزار ميٽرڪ ٽن ذخيرو پڻ موجود آهي.
بريفنگ دوران خبردار ڪيو ويو ته صوبي کان ٻاهر ڪڻڪ جي منتقلي ۽ استعمال سبب مارچ 2027ع تائين سنڌ کي ڪڻڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته 15 جولاءِ 2026ع تائين صوبي ۾ لڳ ڀڳ 26 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ استعمال ٿي چڪي آهي، جڏهن ته ايندڙ پوک لاءِ 2 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ٻج طور محفوظ رکي وئي آهي.
خوراڪ کاتي موجب، هن وقت صوبي ۾ اٽڪل 22 لک 40 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جو ذخيرو موجود آهي، جڏهن ته سپلاءِ چين ۾ 12 لک 30 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ دستياب آهي.
اجلاس دوران خوراڪ کاتي ڪڻڪ جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ لاءِ پاسڪو کان وڌيڪ ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي تجويز پڻ پيش ڪئي، جڏهن ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي موجوده قيمتن جو به جائزو ورتو ويو.
وڏي وزير مراد علي شاهه اعتراض ڪندي چيو ته اڃا تائين 6 لک 10 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جو ڪو حساب موجود ناهي.
هن امڪاني کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ خوراڪ کاتي کي گڏيل ڪڻڪ مئنيجمينٽ پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
مراد علي شاهه چيو ته غذائي تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهي، حڪومت عوام لاءِ خوراڪ جو تحفظ يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي.
هن هدايت ڪئي ته مناسب اگهن تي ڪڻڪ ۽ اٽي جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وڃي، جڏهن ته صوبي ۾ هن وقت ڪڻڪ جي ڪا فوري کوٽ ناهي.
وڏي وزير وڌيڪ چيو ته ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائيون تيز ڪيون وڃن، مارڪيٽ ۾ اگهن جي سخت نگراني ڪئي وڃي، هٿرادو کوٽ پيدا ٿيڻ نه ڏني وڃي ۽ هر 15 ڏينهن کانپوءِ ذخيرن، خريداري، ڪارروائين ۽ مارڪيٽ جي صورتحال بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

 

You might also like