ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار عامر خان کي پنهنجي بلاڪ بسٽر فلم ”ٿري ايڊيٽس“ جي اصل رنڇوڙ داس (فُنسڪ وانگڙو) جي بک هڙتال تي خاموش رهڻ مهانگو پئجي ويو، سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان اداڪار تي ڇتي تنقيد ڪئي پئي وڃي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، 59 ورهين جو سونم وانگ چُڪ ڀارت ۾ نيشنل ايليجيبلٽي ڪَم انٽرنس ٽيسٽ (اين اِي اِي ٽي) پيپر ليڪ واري معاملي کانپوءِ جين زي جي اڳواڻي ۾ قائم ٿيل ”ڪاڪروچ جنتا پارٽي“ جي باني اڀيجيت ديپڪي سان ايڪي لاءِ احتجاج ڪري رهيو آهي.
رپورٽن موجب، سونم وانگ چُڪ 28 جون کان نئين دهلي جي جنتر منتر تي بک هڙتال تي ويٺل آهي، هن ڀارتي تعليم واري وزير جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو آهي.
مسلسل 17 ڏينهن جي بک هڙتال سبب سونم وانگ چُڪ جي صحت سخت متاثر ٿي آهي، سندس وزن لڳ ڀڳ 8.5 ڪلوگرام گهٽجي ويو آهي، جڏهن ته هو مسلسل ڊاڪٽرن جي نگراني هيٺ آهي.
ان ڏس ۾ فلم ٿري ايڊيٽس ۾ چَتُر جو ڪردار ادا ڪندڙ ڀارتي اداڪار اومي ويديا سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو پيغام جاري ڪيو آهي.
اومي ويديا پنهنجي پيغام ۾ اپيل ڪندي چيو ته” مان نٿو چاهيان ته فنسڪ وانگڙو مري وڃي، منهنجي خيال ۾ ڪو به ماڻهو فنسڪ وانگڙو کي مرندي ڏسڻ نٿو چاهي.“
اومي ويديا جي ردعمل کانپوءِ فلم ۾ رنڇوڙ داس جو مُک ڪردار ادا ڪندڙ عامر خان جي خاموشيءَ تي سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي.
واهپيدارن جو چوڻ آهي ته”حقيقي زندگي ۾ چَتُر پنهنجو آواز اٿاري ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون، جڏهن ته فلم جي ٽنهي ايڊيٽس جي ماٺ ثابت ڪري ڇڏيو ته هو واقعي ايڊيٽس آهن.“
ياد رهي فلم ٿري ايڊيٽس جي ڪهاڻي لداخ سان واسطو رکندڙ انجنيئر ۽ سماجي ڪارڪن سونم وانگ چُڪ جي حقيقي زندگي کان متاثر ٿي لکي وئي هئي.
You might also like