سمنڊ پار پاڪستانين بابت حڪومتي پاليسي تبديل، مدي خارج ڪارڊ تي ملڪ ۾ داخلا بند

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت نيڪوپ تي پاڪستان ايندڙ سمند پار پاڪستانين بابت پاليسي تبديل ڪري ڇڏي آهي. نئين پاليسي تحت مدي خارج ٿيل يا رد ٿيل نيڪوپ تي سفر ڪندڙ مسافرن کي پاڪستان پهچڻ تي لينڊنگ پرمٽ نه ڏني ويندي.
جاري ڪيل ايڊوائزري موجب، نيڪوپ جي رسيد ڏيکارڻ تي به سفر جي اجازت نه هوندي، پاڪستان ۾ داخلا لاءِ صحيح ۽ ڪارائتو نيڪوپ يا ويزا هئڻ لازمي هوندو.
حڪومت ايئرلائينز کي به هدايت جاري ڪئي آهي ته رد ٿيل يا مدي خارج نيڪوپ تي ڪنهن به مسافر کي سفر ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وڃي.
ذريعن موجب، اڳوڻي پاليسي تحت نيڪوپ رکندڙ پاڪستانين کي وطن پهچڻ تي لينڊنگ پرمٽ جاري ڪئي ويندي هئي، پر هاڻي اها سهولت ختم ڪئي وئي آهي.

You might also like