ڪرڪيٽ شوقينن لاءِ وڏي خبر، آءِ سي سي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جا فارميٽ بدلائي ڇڏيا

ايڊنبرگ (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) مينز ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ نوان فارميٽ متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو مقصد مقابلي جي معيار، دلچسپ ميچن ۽ ٽورنامينٽ جي جوڙجڪ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ آهي.
آءِ سي سي جي ايڊنبرگ ۾ ٿيل سالياني اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرائي موجب، نون فارميٽن سان وڌيڪ بامقصد مقابلا ٿيندا، جڏهن ته رانديگرن ۽ مداحن کي به وڌيڪ بهتر تجربو حاصل ٿيندو.
نئين فارميٽ تحت ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ هاڻي 14 ٽيمون حصو وٺنديون، جڏهن ته 2019ع ۽ 2023ع جي ايڊيشنن ۾ رڳو 10 ٽيمون شامل هيون.
پهرئين مرحلي ۾ رينڪنگ موجب 12هين، 13هين ۽ 14هين پوزيشن واريون ٽيمون پاڻ ۾ مقابلو ڪنديون، جن مان هڪ ٽيم ٻئي مرحلي ۾ پهچندي، جتي اڳ ئي موجود 11 ٽيمن سان گڏ ڪُل 12 ٽيمون ٻن گروپن (هر هڪ ۾ 6 ٽيمون) ۾ ورهايون وينديون.
هر گروپ مان ٽاپ 3 ٽيمون ۽ ٻنهي گروپن مان چوٿين بهترين ٽيم سپر 7 مرحلي ۾ پهچندي، جتان ٽاپ 4 ٽيمون سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون.
آءِ سي سي طرفان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ به اهم تبديليون ڪيون ويون آهن.
آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ هاڻي 20 ٽيمون 5 گروپن (هر گروپ ۾ 4 ٽيمون) ۾ ورهايون وينديون، جڏهن ته هر گروپ مان ٽاپ 2 ٽيمون ٻئي مرحلي ۾ پهچنديون.
سپر 8 بدران هاڻي سپر 10 مرحلو هوندو، جنهن ۾ ٻن گروپن ۾ 5، 5 ٽيمون شامل هونديون، هر گروپ جي پهرين پوزيشن واري ٽيم سڌي ريت سيمي فائنل ۾ پهچندي، جڏهن ته هر گروپ جي ٻئي نمبر واري ٽيم سامهون واري گروپ جي ٽئين نمبر واري ٽيم سان ايلمنيٽر کيڏندي، جن جون فاتح ٽيمون به سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهينديون.
آءِ سي سي 2028ع واري ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ڪواليفڪيشن جو نئون ڍانچو پڻ متعارف ڪرايو آهي.
اسڪاٽلينڊ کي يورپ ريجنل فائنل ۾ سڌي ريت جاءِ ملندي، جڏهن ته ٻيون ٽيمون گلوبل ڪواليفائر ذريعي ورلڊ ڪپ ۾ جاءِ ٺاهڻ لاءِ مقابلو ڪنديون.
واضح رهي ته انهن تجويزن جي حتمي منظوري نومبر ۾ آءِ سي سي جي فنانس اينڊ ڪمرشل افيئرز ڪميٽي جي جائزي کانپوءِ ڏني ويندي.

 

You might also like