فوج بابت تقرير تي ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست، مولانا فضل الرحمان کي نوٽيس جاري

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) فوج بابت تڪراري تقرير تي جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ گوجرانوالا جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
درخواست ايڊووڪيٽ منظور قادر ڀنڊر طرفان داخل ڪئي وئي، جنهن تي ايڊيشنل سيشن جج فيصل جميل ايس ايڇ او سول لائن ۽ مولانا فضل الرحمان کي 28 جولاءِ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
عدالت پوليس کي به هدايت ڪئي آهي ته هو 28 جولاءِ تي پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي.
درخواست ۾ مولانا فضل الرحمان جي تڪراري تقرير تي سندس خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.
هوڏانهن پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي چيئرمين علامه طاهر اشرفي به مولانا فضل الرحمان جي بيان جي مذمت ڪندي چيو ته شهيدن خلاف ڏنل بيان تي هو شهيدن جي وارثن کان معافي وٺي ٿو.
ٻئي پاسي بچاءُ واري وزير خواجه آصف، وفاقي وزير احسن اقبال، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين به مولانا فضل الرحمان جي بيان تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته شهيدن جي قربانين کي پگهار سان جوڙڻ شهيدن ۽ سندن وارثن سان زيادتي آهي.

You might also like