عامر خان جون شاديون ”لو جهاد“ هيون، اداڪار جو سر قلم ڪندڙ کي 5 ڪروڙ رپيا ڏيندس: هندو انتهاپسند اڳواڻ

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست مهاراشٽرا جي هڪ وزير جي بيان کانپوءِ بالي ووڊ اداڪار عامر خان خلاف نئون تڪرار کڙو ٿي ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، هندو انتهاپسند اڳواڻ جگد گرو پرمهنس آچاريه عامر خان کي قتل ڪندڙ لاءِ 5 ڪروڙ رپين جي انعام جو اعلان ڪيو آهي.
رپورٽن موجب، مهاراشٽرا جي وزير نتيش راڻي عامر خان جي شادين تي تبصرو ڪندي کيس ”لو جهاد جو برانڊ ايمبيسيڊر“ قرار ڏنو هو، جنهن کانپوءِ ايوڌيا سان واسطو رکندڙ هندو انتهاپسند اڳواڻ جگد گرو پرمهنس آچاريه عوامي طور ان بيان جي حمايت ڪئي.
هندو اڳواڻ الزام لڳايو ته عامر خان جون هندو عورتن سان شاديون ”لو جهاد“ کي هٿي ڏيڻ لاءِ هيون، جڏهن ته هن ان دعويٰ جي حمايت ۾ ڪو به ثبوت پيش نه ڪيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، پرمهنس آچاريه اعلان ڪيو ته جيڪو به عامر خان کي قتل ڪري يا سندس سر قلم ڪري وٽس آڻيندو، ان کي 5 ڪروڙ رپيا روڪ انعام ڏنو ويندو.
هن اِها به دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن ڪو ائين نه ڪندو ته هو پاڻ عامر خان کي ڳولي قتل ڪندو.
رپورٽن موجب، هندو اڳواڻ اهو به چيو ته اهڙي عمل ڪندڙ شخص جا قانوني خرچ به هو پاڻ برداشت ڪندو.

You might also like