اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گيلپ اينڊ گيلاني پاڪستان طرفان سڄي ملڪ ۾ ڪيل نئين ۽ اهم سروي موجب، پاڪستانين جي اڪثريت پنهنجي ڀيٽ ۾ ايندڙ نسل، يعني تازن ڄاول ٻارن جي معاشي حالتن ۾ واضح بهتري بابت انتهائي پراميد نظر اچي ٿي.
ن ملڪ گير سروي دوران پاڪستان جي مختلف علائقن سان واسطو رکندڙ بالغ شهرين کان هڪ اهم سوال پڇيو ويو ته”توهان جي راءِ ۾، معاشي حيثيت جي لحاظ کان ايندڙ نسل توهان جي ڀيٽ ۾ بهتر حالت ۾ هوندي، بدتر حالت ۾ هوندو يا انهن جي صورتحال بلڪل توهان جهڙي ئي رهندي؟“
جنهن جي جواب ۾ حيرت انگيز طور 62 سيڪڙو جواب ڏيندڙن پختو يقين ظاهر ڪندي چيو ته ايندڙ نسل جون معاشي حالتون موجوده دور کان ”بهتر“ هونديون، جڏهن ته ان جي ابتڙ 24 سيڪڙو راءِ ڏني ته حالتون”بدتر“ هونديون، 7 سيڪڙو جو خيال هو ته صورتحال” ساڳي رهندي“، جڏهن ته ٻين ماڻهن مان 3 سيڪڙو چيو ته”خبر ناهي“ ۽ 4 سيڪڙو هن سوال جو ”ڪو به جواب نه ڏنو.“
مجموعي طور گيلپ سروي ان حقيقت کي اجاگر ڪري ٿو ته پاڪستانين جي هڪ وڏي اڪثريت، خاص طور تي نوجوان نسل، مستقبل جي معاشي امڪانن بابت تمام گهڻي پراميد آهي.
هي نتيجا هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين معاشي ترقي بابت عوامي اميدن جي عڪاسي ڪرڻ سان گڏ پاليسي سازن کي اهڙيون ڊگهي مدي واريون حڪمت عمليون تيار ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڏئي سگهن ٿا، جيڪي نوجوانن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ برابريءَ واري معاشي ترقي کي يقيني بڻائڻ لاءِ انتهائي اهم آهن.
You might also like