بلوچستان ۾ آپريشن ”شعبان“ جاري، وڌيڪ 6 دهشت گرد مارجي ويا

ڪوئيٽا(عوامي آواز نيوز)پاڪ فوج، ايف سي بلوچستان ۽ پوليس پاران "فتنه الهندستان” سان لاڳاپيل دهشتگردن خلاف آپريشن "شعبان” جاري آهي.سيڪيورٽي ذريعن موجب، تازي ڪاررواين دوران وڌيڪ 6 دهشتگرد مارجي وڃڻ جي تصديق ٿي آهي. سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته آپريشن شعبان دوران مارجي ويل دهشتگردن جو مجموعي انگ 85 ٿي ويو آهي.ذريعن موجب، 5 جولاءِ کان هيل تائين بلوچستان ۾ مختلف ڪاررواين دوران مجموعي طور 121 خارجي دهشتگرد ماريا ويا آهن.سيڪيورٽي ذريعن وڌيڪ چيو آهي ته بلوچستان ۾ آپريشن "شعبان” آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندو.

 

You might also like