لاهور(بيورو رپورٽ) اڳوڻي ريلوي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته ملڪ جو سڄي بجيٽ آزاد ڪشمير تي خرچ نٿي ڪري سگهجي، سڄي ملڪ کي گڏ کڻي هلڻو پوندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق چيو ته آزاد ڪشمير جي ڪجهه علائقن ۾ افسوسناڪ صورتحال آهي جتي احتجاج ڪندڙ ۽ رياستي ادارا هڪ ٻئي جي سامهون آهن، اهو نه ٿيڻ گهرجي ها، پر بدقسمتي سان اهو ٿيو. هن چيو ته هن صورتحال جو اصل سبب آزاد ڪشمير جي خراب حڪمراني آهي، جيڪا ڏهاڪن کان هلي رهي هئي ۽ ماڻهن جا مسئلا حل نه ٿي رهيا هئا. خواجه سعد رفيق چيو ته عوامي ايڪشن ڪميٽي جا ڪجهه مطالبا اهڙا هئا جيڪي انهن کي قبول نه ٿي سگهيا. آزاد ڪشمير ۾ بجلي تمام سستي قيمت تي فراهم ڪئي پئي وڃي، وفاقي حڪومت جون سڀئي گرانٽون ان تي خرچ ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ ترقياتي ڪمن جو مطالبو جائز آهي، ان جي وقت جي فريم تي بحث ڪري سگهجي ٿو، پر پوري بجيٽ آزاد ڪشمير تي خرچ نه ٿي ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته سڄي ملڪ کي گڏ کڻي هلڻو آهي. هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ حالتون تڏهن خراب ٿيون جڏهن ڪجهه عنصر اسٽيج تي آيا ۽ پاڪستان خلاف ڳالهائڻ شروع ڪيو. خواجه سعد رفيق چيو ته ڳالهين ڪندڙن چيو ته پاڪستان جو مسئلو به مطالبن ۾ شامل هو، جيڪو ڪنهن به حالت ۾ قابل قبول ناهي. هن چيو ته پاڪستان 80 سالن ۾ پنهنجو پيٽ ڪٽيو آهي ۽ ايتري وڏي فوج تيار ڪئي آهي ته جيڪڏهن هڪ ڏينهن ڪشمير جي مسئلي تي هندستان سان منهن ڏئي ته ان کي شڪست نه ملندي. پاڪستان ڪشمير ڪاز لاءِ هر قيمت ادا ڪئي آهي.