عمران سان ڀينرن ۽ اڳواڻن جي ملاقات نه ٿي سگهي

راولپنڊي(ع آ نيوز) اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ڪنهن به اڳواڻ جي ملاقات  نه سگهي، باني جون ٻه ڀينرون ملاقات لاءِ اڊيالا جيل ويجهوويٺيون رهيون. نورين نيازي ۽ ڊاڪٽر عظميٰ سيوريج ڊرين جي حفاظتي بند  تي ويٺيون رهيون، عليما خان غير حاضر هئي ڇاڪاڻ ته هوءَ چترال ۾ هئي، عليمه خان مزدورن کي اڊيالا روڊ تي اچڻ کان منع ڪيو هو، فيڪٽري چيڪ پوائنٽ تي مزدورن جو تمام گهٽ تعداد موجود هوئپي ٽي آءِ اڳواڻ بئريسٽر سلمان اڪرم راجا اڊيالا روڊ فيڪٽري چيڪ پوائنٽ تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته مان ايران کان واپس آيو آهيان، جنازي ۽ تدفين ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويو هوس، وزير اعليٰ ڪي پي يقيني بڻائي رهيو آهي ته صوبي جا سڀئي معاملا شفافيت سان هلايا وڃن. هن چيو ته صوبائي ۽ وفاقي سطح تي به دهشتگردي جي خاتمي کي ڏٺو پيو وڃي. اسان ڄاڻون ٿا ته پاڪستان اندر دهشتگرد عنصر موجود آهن. گذريل ڇهن کان اٺن مهينن ۾ دهشتگردي ۾ بيحد اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته وفاقي ادارن جو ڪم سرحد جي حفاظت ڪرڻ آهي. وفاقي ادارن کي ڏسڻو پوندو ته دهشتگرد سرحد مان ڪيئن داخل ٿين ٿا. ادارن کي يقيني بڻائڻو پوندو ته دهشتگرد صوبي ۾ داخل نه ٿين. .

 

You might also like