سنڌ ۾ ”سسٽم“ اندر شامل ڪجهه ڪامورن جي گرفتاري ۽ گم ٿيڻ جا اطلاع

ڪراچي(ارباب چانڊيو)سنڌ ۾ سسٽم جي اهم ڪردارن جي گرفتاريءَ  ۽ گم ٿيڻ جا اطلاع،خبر موجب سنڌ حڪومت جي ”سسٽم“ جي هڪ اهم آفيسر کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ اميد آهي ته اڃا وڌيڪ آفيسر به گرفتار ٿيندا. رياست فيصلو ڪري ورتو آهي ته ڪراچي سميت ملڪ ۾ سٺي حڪمراني جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ ڪنهن به شخص کي معاف نه ڪيو ويندو رپورٽن مطابق” سسٽم“ جي هڪ انتھائي مضبوط ڪردار، اڳوڻي ڊي سي محمد علي شاهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ۽ هو هن وقت رابطي کان ٻاهر (گم) آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته محمد علي شاهه سان گڏ سڪيورٽي ليول جا ڪجهه ٻيا آفيسر به لاپتا آهن. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اهي واقعي لاپتا ڪيا ويا آهن يا وري ڪارروائيءَ جي خوف کان پاڻ ئي فون بند ڪري روپوش ٿي ويا آهن.ان کان اڳ هڪ سيڪريٽري جي ڀاءُ کي گرفتار ڪرڻ واري خبر به سچي ثابت ٿي هئي. هينئر تائين ملندڙ اطلاعن موجب، رياستي ادارن اهو طئي ڪري ورتو آهي ته ملڪ ۾، خاص ڪري ڪراچي ۾ مالي بدعنواني ۽ گڊ گورننس جي فقدان کي ختم ڪيو وڃي.پوري دنيا مان سيڙپڪار پاڪستان ۽ ان جي سڀ کان وڏي صنعتي شهر ڪراچي ۾ اربين رپين جي سيڙپڪاري ڪرڻ چاهين ٿا. پر ان ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ ملڪ جو خراب تاثر ۽ گڊ گورننس جو نه هجڻ آهي.ان ڪري ڪراچي ۽ پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ اهو لازمي قرار ڏنو ويو آهي ته ڀتا خوري ۽ زمينن تي قبضا ڪندڙ مافيا جو خاتمو ڪيو وڃي. اهي سڀ آفيسر ۽ ڪردار جيڪي هن ڪرپٽ سسٽم جا سهولتڪار آهن، تن کي هڪ هڪ ڪري سائيڊ لائن يا گرفتار ڪيو ويندو ته جيئن گڊ گورننس جو تاثر اڀري ۽ ٻاهرين سيڙپڪاري ملڪ ۾ اچي سگهي.

 

You might also like