ٽرمپ جو آبناءِ هرمز بابت وڏو فيصلو، نار ملڪن سان واپار ۽ سيڙپڪاري معاهدن جو اعلان

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته هن آبناءِ هرمز بابت لاڳو ڪيل 20 سيڪڙو آمريڪي ري ايمبرسمينٽ فيس ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان جي بدلي ۾ نار ملڪن سان واپار ۽ سيڙپڪاري جا معاهدا ڪيا ويندا.
ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته 20 سيڪڙو ري ايمبرسمينٽ فيس کي مختلف نار ملڪن طرفان آمريڪا ۾ ٿيندڙ واپار ۽ وڏي پيماني جي سيڙپڪاري سان تبديل ڪيو ويندو.
هن چيو ته اهي سيڙپڪاريون نه رڳو آمريڪا لاءِ اهم هونديون، پر لاڳاپيل ملڪن ۽ انهن جي مستقبل لاءِ پڻ انتهائي لاڀائتيون ثابت ٿينديون.
آمريڪي صدر چيو ته آبناءِ هرمز ايران کانسواءِ ٻين سڀني ملڪن جي جهازن جي اچ وڃ لاءِ کليل آهي.
هن ايران جي قيادت تي الزام هنيو ته هو پنهنجي ملڪ کي تباهي ڏانهن وٺي وڃي رهي آهي.
ٽرمپ اهو به چيو ته ايران خلاف مڪمل ناڪابندي لاڳو ڪئي ويندي.

You might also like