فرينچائز فيس ۽ ڪاروباري ماڊل تي اختلاف، دفاعي چيمپيئن ڊيزرٽ وائپرز جو آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي ڇڏڻ تي غور

دبئي (ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن ۾ ٿيندڙ انٽرنيشنل ليگ ٽي ٽوئنٽي (آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي) جي دفاعي چيمپيئن ٽيم ڊيزرٽ وائپرز ليگ ڇڏڻ تي غور ڪري رهي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ٽيم جي مالڪ ڪمپني لينسر ڪيپيٽل، جنهن جي سربراهي آمريڪي واپاري اويرام گليزر ڪري ٿو، ڪجهه ڏينهن اڳ ليگ انتظاميا کي پنهنجي فيصلي کان آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب، فرينچائز فيس ۽ ڪاروباري ماڊل بابت اختلافن سبب ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اهڙا اختلاف ٻه سال اڳ به سامهون آيا هئا، پر ان وقت ٻنهي ڌرين مسئلو حل ڪرڻ لاءِ وقت ڏنو هو، جيڪو اڃا تائين حل نه ٿي سگهيو آهي.
ذريعن موجب، گليزر جي ويجهي ساٿي پال ووئگٽ ليگ انتظاميا ۽ ٻين پنجن فرينچائزن جي مالڪن کي به ٽيم جي ليگ ڇڏڻ واري ارادي بابت آگاهه ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته نه ڊيزرٽ وائپرز ۽ نه ئي آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي انتظاميا ان معاملي تي باضابطا بيان جاري ڪيو آهي.
رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته ايندڙ سيزن لاءِ رانديگرن سان معاهدا ۽ ڪوچنگ اسٽاف اڳ ئي مقرر ٿيل آهي، تنهنڪري ليگ کي ڇهين ٽيم جي ضرورت برقرار رهندي.
امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته سعودي عرب ڪرڪيٽ فيڊريشن يا ڪويت ڪرڪيٽ سان موجود معاهدن جي بنياد تي نئين ٽيم شامل ڪئي وڃي.
واضح رهي ته آءِ ايل ٽي ٽوئنٽي جو پنجون سيزن 22 نومبر کان شروع ٿيندو، جڏهن ته ڊيزرٽ وائپرز هلندڙ سال جنوري ۾ چوٿين سيزن جو ٽائيٽل کٽي دفاعي چيمپيئن بڻي هئي، ٽيم جي قيادت انگلينڊ جي آل رائونڊر سام ڪرن ڪري رهيو آهي.

You might also like