اسلام آباد(امتياز گل) اهڙين حالتن ۾ جڏهن بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه ۾ تشدد جي هڪ نئين لهر آيل آهي جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان هڪ تقريب ۾ انتهائي ڌماڪيدار تقرير ڪئي آهي، جنهن ۾ هن بنيادي طور تي اسٽيبلشمينٽ کي مخاطب ڪندي چيو آهي ته فوجي جوان ملڪ جي سلامتي لاءِ پگهار کڻندا آهن جيڪڏهن سياست ڪرڻي اٿو ته وردي لاهي ميدان ۾ اچو، اليڪشن ۾ حصو وٺو ته خبر پئجي ويندي ته وردي واري کي عوام ڪيترا ووٽ ٿو ڏئي. هي هڪ عجيب ڳالهه آهي ته مولانا فضل الرحمان هميشه اسٽيبلشمينٽ لاءِ هڪ پارٽنر يا ’سهولتڪار‘ جو ڪردار ادا ڪندو آيو آهي. چاهي ۲۰۱۰ جي ۱۸ هين ترميم هجي يا هاڻوڪي ۲۶ هين ترميم، هو هميشه حڪومت جي صحيح پاسي تي بيٺل نظر آيو آهي. ماضي ۾ جڏهن فوجي عدالتن جي قيام جو وقت آيو ته ان وقت پارليامينٽ ۾ ميمبرن روئي چيو هو ته اسان مجبورن پنهنجي پارٽي قيادت جي ڪري ان جي حمايت ڪري رهيا آهيون. جنرل مشرف جي دور ۾ جڏهن ’حسبه ايڪٽ‘ تي مشرف ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ته مولانا فضل الرحمان منظر تان غائب ٿي ويو ۽ اهو ايڪٽ تاريخ جي صفحن ۾ دفن ٿي ويو.هاڻوڪي صورتحال ۾ جڏهن سڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ پاڻ ڪشمير، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه جي سيڪيورٽي بحران سبب سخت دٻاءُ ۾ آهي، تڏهن سوال هي اٿي ٿو ته ڇا مولانا سياسي فائدو کڻڻ چاهي ٿو؟ ڇا هو موجوده دٻاءُ جو فائدو وٺي پنهنجو سياسي وزن ۽ قيمت وڌائڻ گهري ٿو؟ڇا کيس ڪو اشارو مليو آهي؟ ڇا اسٽيبلشمينٽ کي ٽي ٽي پي ۽ داعش جهڙن انتهاپسند گروپن خلاف وڙهڻ لاءِ جي يو آءِ جي مذهبي بيانيي ۽ اثر رسوخ جي ضرورت پئي آهي؟ ياد رهي ته باجوڙ ۽ اتر وزيرستان ۾ جي يو آءِ جا ڪيترائي ڪارڪن داعش ۽ ٽي ٽي پي جو نشانو بڻيا آهن، ڇاڪاڻ ته جي يو آءِ مبينه طور فوج ۽ ايف سي جي آپريشنز جي حمايت ڪندي آهي).ڇا مولانا جو اهو رويو واقعي ڪو حقيقي عوامي جذبو آهي، يا هو رڳو پنهنجي سياسي پوزيشن مضبوط ڪرڻ ۽ وڌيڪ فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ هي لب و لهجو اختيار ڪري رهيو آهي؟ ان جو اندازو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ واضح ٿي ويندو.