ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته وطن جي دفاع ۾ جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ واراشھيد ۽ غازي پوري قوم جو فخر آھن ۽ سندن قربانين کي معمولي قرار ڏيڻ نھايت ئي افسوس جوڳي ڳالهھ آھي. هن چيو ته شھيدن جي گھر ڀاتين جي قربانين کي نظر انداز ڪرڻ يا اُنھن تي غير ذميواراڻا تبصرا ڪرڻ ڪنھن به صورت قبولڻ جوڳو ناھي. ھن چيو ته جمھوريت ۾ اختلاف راءِ جو حق سڀني کي حاصل اھي، پر شھيدن خلاف زھر اوڳاڇڻ قومي يڪجھتي ۽ اجتماعي مفاد جي خلاف آھي. سندس چوڻ ھو ته سياسي اختلافن کي قومي سلامتي ۽ وطن جي دفاع سان لاڳاپيل ادارن جي احترام کان الڳ رکڻ گھرجي.