اسلام آباد(اعزاز سيد+آصف بشير چوڌري)نسلا ٽاور ۽ مونال ريسٽورنٽ سپريم ڪورٽ جا ٻئي تڪراري فيصلا هئا،آئيني عدالت تازو مونال ريسٽورنٽ ڊاهڻ وارو فيصلو رد ڪري ڇڏيو آهي،سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس جسٽس گلزار احمد هر معاملي ۾ ڪراچي جي حددخلين کي کڻي ايندو هو، هو وڪيلن کي به نه ٻڌندوهو، ننڍي ڳالهه تي ڪاوڙجي پوندو هو ، هن جي دور ۾ باقي ڪجهه ڊهيو نه ڊهيو، مڊل ڪلاس وارن جون جهوپڙيون ڊهي ويون، نسلا ٽاور ڊهي ويو، ۽ پوءِ هو رٽائر ٿي ويوان کان پوءِ هڪ ٻيوچيف جسٽس آيو جنهن عدليه جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو هنيو،عدليه کي ورهائڻ جو باني قاضي فائز عيسيٰ کي سمجهيو وڃي ٿو جنهن پنهنجي خلاف ڪيس جو بدلو سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کان ورتو ۽ ان کي تقسيم ڪري هليو ويو،سندس گهرواري جا ان وقت جي وائلڊ لائيف مئنيجمينٽ بورڊ جي قيادت سان دعا سلام ۽ سماجي تعلق هو،مارگلا هلز تي مونال ريسٽورنٽ هڪڙو وڏو هوٽل هو جتي ڪو به وڃي تمام خوش ٿيندو هو، اهو هوٽل جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ پ پ جي هڪ پارليامينٽيرين کي الاٽ ٿيو هو ۽ بعد ۾ هن اڳتي ان کي ڪرائي تي ڏنو هو. ان هوٽل جي مالڪ کي وزارتِ دفاع جي طرفان به چٺي اچي وئي ته هي زمين اسان جي آهي،هوٽل مالڪ شروعات ۾ ٻنهي جڳهن تي ڪرايو ڏيندو رهيو بعد ۾ اسلام آباد ۾ ڪو حددخلين جو ڪيس هو، ان ۾ سي ڊي اي کان پڇيو ويو ته ڇا هي پئسا ڏئي رهيا آهن؟ سي ڊي اي چيو ته هي اسان جا ڊيفالٽر آهن، ڇاڪاڻ ته سال ڏيڍ کان هنن صرف وزارتِ دفاع کي پئسا ڏيڻ شروع ڪري ڏنا هئا. عدالت چيو جي ان کي ته ڊاهي ڇڏيو.اهو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ٿيو،تڏهوڪي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هوٽل ڊاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اتي ڪي 40 کان وڌيڪ حددخليون ڊاهڻيون هيون، پر صرف اهو هڪڙو هوٽل ڊهيو جنهن باري ان جو مالڪ بيهي چوندو هو ته مونکي هن عدالت مان انصاف جي اميد ناهي.ٻئي پاسي اڳوڻي آءِ جي پوليس ۽ سٺي شهرت رکندڙ ذوالفقار احمد چيما جي ڪتاب ۾ جسٽس نسيم حسن شاهه جو به ذڪر آهي،جنهن ۾ هڪ اڳوڻي آرمي چيف جنرل وحيد ڪاڪڙ جي ويجهي ساٿي جي حوالي سان وڏو انڪشاف ڪيو ويو آهي، ان قريبي دوست ٻڌايو ته جسٽس نسيم حسن شاهه، نواز شريف جي حڪومت بحاليءَ کان اڳ آرمي چيف(وحيد ڪاڪڙ)کي ٽيليفون ڪال ڪندو رهيو پر آرمي چيف سندس فون نه کنيو پوءِ آرمي چيف پنهنجي اسٽاف آفيسر کي چيو (ته اوهان کانئن پڇو ته ڇا ڳالهه آهي؟جسٽس(ر) نسيم شاهه چيو ته جي مان ڳالهائڻ چاهيان ٿو، سڀاڻي اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي نواز شريف جي حڪومت بحال ڪرڻ يا صدر جو فيصلو برقرار رکڻ باري، ته آرمي چيف ڇا چاهي ٿو؟ تڏهوڪي آرمي چيف وحيد ڪاڪڙ کيس پيغام موڪليو ته اوھان پنهنجو ڪم ڪريو، هي اسان جو ڪم ناهي.هي واقعو 1993ع جو آهي،وحيد ڪاڪڙ اهو آرمي چيف آهي جنهن مدي ۾ واڌ جي آڇ ٿڏي رٽائرمينٽ کي ترجيح ڏني هئي،