بلوچستان ۾” آپريشن شعبان“ جاري، وڌيڪ 2 دهشتگرد ماريا ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچستان ۾ دهشتگردن خلاف جاري آپريشن شعبان دوران اڄ وڌيڪ 2 دهشتگرد مارجي ويا، جنهن کانپوءِ آپريشن دوران مارجي ويل دهشتگردن جو انگ وڌي 85 ٿي ويو آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي دوران دهشتگردن جي هڪ گاڏي کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ ٻه دهشتگرد مارجي ويا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج، فرنٽيئر ڪور (ايف سي) ۽ پوليس گڏيل آپريشن تحت هوائي ۽ زميني ڪارروائين ذريعي دهشتگردن کي نشانو بڻائي رهيون آهن.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، آپريشن شعبان ۽ ٻين انٽيليجنس بيسڊ آپريشنز دوران مجموعي طور 123 دهشتگرد ماريا ويا آهن.

You might also like